اسان جي غلطي هئي ته اسان پنهنجي دور ۾ نيب جي ڪاري قانون ۾ تبديلي نه آندي، بلاول ڀٽو زرداري

انتهاپسندن سان تعلق رکندڙ ٽن وفاقي وزيرن کي وفاقي ڪابينا ڪڍڻ جو مطالبو ڪندي پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلزپارٽي نيب جو ڪارو قانون تبديل نه ڪيو، اها اسان جي غلطي هئي،  بندش پيل تنظيمن خلاف آواز اٿارڻ تي ڪٺ پتلي ادارن جا نوٽيس پيا ملن، اسان نوٽيسز ۽ جيلن کان ڊڄڻ وارا نه آهيون، بندش پيل تنظيمن خلاف آواز اٿاريندا رهنداسين

اسلام آباد ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  نيب کي پيپلزپارٽي جو مينڊيٽ چوري ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو.

هن چيو ته اها اسان جي غلطي هئي ته اسان پنهنجي دور ۾ نيب جي ڪاري قانون ۾ تبديلي نه آندي ، مستقبل ۾ آئين مان آمر جي شامل ڪيل هر قانون کي ڪڍيو ويندو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ جنهن ڪمپني ڪيس ۾ مون کي گهرايو ويو، ان وقت منهنجي عمر هڪ سال هئي.نيب منهنجي هڪ سال جي عمر کان منهنجو احتساب شروع ڪري رهي آهي.

پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته انهن نوٽيس سان بينظير ڀٽو جا جيالا ناهن ڊڄندا، اسان ڪٺ پتلي حڪومت کي للڪاريندا رهدناين ۽ پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف آواز بلند ڪندا رهنداسين.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت پابندي مڙهيل تنظيمن جو ساٿ ڏيڻ تي ٽن وزيرن کي وفاقي ڪابينا مان ڪڍي، اسان آمريت سان مقابلو ڪيو ۽ هن ڪٺ پتلي حڪومت جو به ڪنداسين.

پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته نيب کي 2002 ۾ پيپلزپارٽي جو مينڊيٽ چوري ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*