ماڊل ٽائون سانحي بابت جوڙيل نئين جي آءِ ٽي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جو بيان قلمبند ڪري ورتو

ماڊل ٽائون سانحي بابت جوڙيل نئين جي آءِ ٽي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جو بيان قلمبند ڪري ورتو، اي ڊي خواجا جي سربراهي ۾ جي آءِ ٽي نوازشريف کي 20 نقاطي سوال نامو ڏنو، نوازشريف چيو آهي ته آئون بيمار ضرور آهيان پر علاج لاءِ منٿون نه ڪندس.

ٻه ڏينهن اڳ ماڊل ٽائون سانحي جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف جو بيان رڪارڊ ڪيو هو، جنهن بعد جي آءِ ٽي احتساب عدالت کان نوازشريف جو بيان جيل ۾ رڪارڊ ڪرڻ جي اجازت ورتي هئي.

ماڊل ٽائون سانحي بابت نوازشريف جو بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ جي آءِ ٽي ڪوٽ لکپت جيل پهتي، جنهن جي سربراهي آءِ  جي موٽروي پوليس اي ڊي خواجا ڪئي.

جي آءِ ٽي ميمبرن ٻن ڪلاڪن تائين جيل ۾ نوازشريف جو بيان رڪارڊ ڪيو، جنهن بعد جي آءِٽي ميمبر واپس روانا ٿي ويا.

ذريعن موجب، اي ڊي خواجا جي سربراهي ۾ جي آءِ ٽي نوازشريف کي 20 نقاطي سوال نامو ڏنو.

ذريعن موجب، نوازشريف چيو ته آئون بيمار ضرور آهيان پر علاج لاءِ منٿون نه ڪندس.

واضح رهي ته 17 جون 2017 ۾ مسلم ليگ  ن جي دور ۾ ماڊل ٽائون سانحو پيش آيو هو.

جاچ ٽيم پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف جو اڳ ئي بيان رڪارڊ ڪري چڪي آهي، ريلوي واري اڳوڻي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق جو بيان به رڪارڊ ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*