دنيا جي ڪرڪيٽ جو عظيم ڀارتي اسٽار بيٽسمين سچن ٽنڊوالڪر اڄ پنهنجي 42هين سالگراهه ملهائي رهيو آهي

دنيا جي ڪرڪيٽ جو عظيم ڀارتي بيٽسمين اسٽار لٽل ماسٽر سچن ٽنڊوالڪر اڄ پنهنجي 42هين سالگراهه ملهائي رهيو آهي.

ڪرڪيٽ جي دنيا جي بي تاج بادشاهه ۽پنهنجي ڪيريئر دوران دنيا جي بالرز کي پنهنجي بيٽنگ سبب بيوس بڻائيندڙ ڀارتي لٽل ماسٽر سچن ٽنڊوالڪر اڄ پنهنجو 42هون جنم ڏينهن ملهائي رهيو آهي.

مراٺي زبان ۾ ناول کلندڙ اديب رميش ٽنڊوالڪر جي گهر ۾ 24 اپريل 1973۾ جنم وٺندڙ ننڍڙي ٻارجو نالو جڏهن سچن رميش ٽنڊوالڪر رکيو ويو ته ڪنهن کي به اهو اندازو نه هو ته هي پنهنجو نالو پوري دنيا ۾ پنهنجي بيٽنگ سان روشن ڪندو.

سچن ٽنڊوالڪر 17ورهين جي ڄمار ۾ ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ قدم رکيو ۽ پنهنجي ڪيريئر جي پهرين ٽيسٽ ميچ پاڪستان خلاف ڪراچي ۾ کيڏي.

1989۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي شروعات ڪندڙ هن عظيم بيٽسمين پوئتي نه ڏٺو ۽ بيٽنگ ۾ رڪارڊز مٿان رڪارڊز ٺاهيندو ويو.

24 ورهين جي ڪرڪيٽ ڪيريئر ۾ سچن ٽنڊوالڪر 200 ٽيسٽ ميچز ،463 ون ڊي ۽هڪ ٽي-ٽوئنٽي ميچز کيڏي.

ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 15هزار921رنز ،جڏهن ته ون ڊي ڪيريئر ۾ 18هزار 426رنز اسڪور ڪيون.

سچن ٽنڊوالڪر ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 51سنچريون ۽ 68 ففٽيون اسڪور ڪيون، جنهن ۾ سندس سڀ کان وڌيڪ اسڪور 248 رنز رهيو، بالنگ ۾ 46 وڪيٽون ۽115ڪيچز ورتيون.

 سچن ٽنڊوالڪر ون ڊي ڪيريئر ۾ 49سنچريون ۽96 ففٽيون اسڪورڪيون، جنهن ۾ سندس سڀ کان وڌيڪ اسڪور 200 رنز رهيو، بالنگ ۾ 154 وڪيٽون ۽140ڪيچز ورتيون.

واضح رهي ته سچن ٽنڊوالڪر 2012 ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*