وفاقي وزير فواد چوڌري پيپلزپارٽي کي خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن قانون جون حدون اورنگهيون ويون ته پوءِ رياست پنهنجي ذميواري پوري ڪندي

وفاقي وزير فواد چوڌري پيپلزپارٽي کي خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن قانون جون حدون اورنگهيون ويون ته پوءِ رياست پنهنجي ذميواري پوري ڪندي، ڪنهن کي جاچ عمل ۾ رنڊڪون وجهڻ نه ڏينداسين.

فواد چوڌري آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي نيب پيشي تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته اڄ نيب راولپنڊي آفيس ٻاهران ڪجهه ماڻهن پوليس اهلڪارن تي حملو ڪيو، جنهن سان 4 پوليس اهلڪار ۽ 2 ڪميرامين زخمي ٿي پيا پر پوليس ان باوجود صبر جو مظاهرو ڪيو.

هن چيو ته اڄ بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري کي نيب جاچ لاءِ گهرايو هو، ان موقعي تي پيپلزپارٽي جي 5سئو ڪارڪن  گڏ ٿيا، جن مان ڪجهه ماڻهن پوليس تي حملو ڪيو.

سڌ سماءَ واري وزير چيو ته جن ماڻهن تي ڪيس آهن، انهن کي ڪيسن کي منهن ڏيڻو پوندو، اوهان اهو ثابت ڪرڻ چاهيو ٿا ته اوهان کي ڇو گهرايو ويو.

هن چيو ته بلاول ڀٽو ايئن خطاب ڪري رهيو هو ته جئين لکن جو ميڙاڪو هجي، اهو رويو پابندي مڙهيل تنظيمن کان ڪيئن مختلف ٿي سگهي ٿو، جن تي نيشنل ايڪشن پلان لاڳو ٿي رهيو هجي.

فواد چوڌري چيو ته پيپلزپارٽي جو رويو قانون جي گهرجن جي ابتڙ آهي ۽ اميد آهي ته پيپلزپارٽي ۽ سندس قيادت پنهنجي رويي تي معذرت ڪندي.

هن چيو ته پوليس اڄ معاملي کي غير جانبداري سان منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو عمل واکاڻ جوڳو  آهي، اسان پوليس جي اهڙي رويي کي اڳتي وڌائڻ چاهيون ٿا جيڪڏهن ڪو حد پار ڪندو ته رياست پنهنجي ذميواري پوري ڪندي.

فواد چوڌري چيو ته اسان امن چاهيون ته پر ان جو مطلب اهو نه آهي ته احتساسب کي روڪيو وڃي، ايئين ممڪن نه آهي اوهان جاچ واري عمل کي متاثر ڪري سگهو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*