سپريم ڪورٽ ڪوڙين شاهدين بابت ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سچ انصاف جو بنياد آهي

سپريم ڪورٽ ڪوڙين شاهدين بابت ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سچ انصاف جو بنياد آهي، عدالتي نظام پاران سچ کان منهن موڙڻ سبب گهڻو نقصان ٿيو آهي، ان سنگين غلطي کي درست ڪرڻو جو وقت اچي ويو آهي.

سپريم ڪورٽ ڪوڙي شاهدين بابت لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.

سپريم ڪورٽ ڪوڙي شاهدي ڏيندڙ خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏيندي سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس کي فيصلي جي ڪاپي سمورين هاءِ ڪورٽس کي موڪلڻ جو حڪم ڏنو.

سپريم ڪورٽ جي جاري ڪيل فيصلي ۾ قرآني آيتن جو حوالو به ڏنو ويو آهي.

چيف جسٽس آصف سعيد کوسا 31 صفغن تي ٻڌل لکت وارو فيصلو جاري ڪندي چيوآهي ته سچ انصاف جي بنياد آهي.

فيصلي موجب، انصاف ڪنهن به مهذب معاشري جي بنياد آهي، اسان جي عدالتي نظام جي سچ کان منهن موڙڻ سبب تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي.

فيصلي موجب، انهيءَ سنگين غلطي کي درست ڪرڻو جو وقت اچي ويو آهي.

فيصلي موجب، شاهدي جي ڪنهن به حصي ۾ ڪوڙ ظاهر ٿيو ته سڄي شاهدي ڪوڙ تصور ڪئي ويندي.

فيصلي موجب، عدالتون ڪوڙي شاهدي ڏيندڙ سان ڪا به رعايت نه ڪن، ڪوڙي شاهدي ڏيڻ تي رڳو ڪارروائي ڪئي وڃي. ….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*