راولپنڊيءَ ۾پوليس جي تشدد ۽ گرفتارين خلاف جيڪب آباد ۾پ پ جيالن جلوس ڪڍي شهرجو گشت ڪيوآهي

راولپنڊيءَ ۾پوليس جي تشدد ۽ گرفتارين خلاف جيڪب آباد ۾پ پ جيالن جلوس ڪڍي شهرجو گشت ڪيوآهي.

جيڪب آباد ۾ پ پ يوٿ پاران شهر اندر مارچ ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو، جنھن ڪري روڊ جي ٻنھي پاسن کان ٽريفڪ بلاڪ ٿي وئي.

 پ پ پ يوٿ ونگ ضلعي صدر جهانگير کوسو، بهادر مغيري، سجاد احمد مستوئي، ديدار علي جکراڻي، بشارت ٻرڙو، همت ٽالاڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري جي نيب آڏو پيش ٿيڻ دوران اسلام آباد پوليس پنهنجي آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ پ پ پ  ڪارڪنن مٿان وحشياڻو تشدد ڪيو آهي.

 هنن چيو ته عمران سرڪار پ پ پ وارن کان خوفزده ٿي وئي آهي، تنهن ڪري پ پ ڪارڪنن مٿان  تشدد ڪيو ويو آهي.

 هنن چيو ته عمران خان جي علي بابا 40 چور حڪومت جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن،  وفاقي وزير شيخ رشيد پنهنجو اگهه وڌائڻ لاءِ پارٽي قيادت  خلاف ڪوڙا الزام لڳائي رهيو آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*