ايف آءِ آر داخل ڪرڻ بابت سيشن جج جا اختيار گهٽائڻ خلاف سنڌ ۾ وڪيل سراپا احتجاج بڻيل آهن

ايف آءِ آر داخل ڪرڻ بابت سيشن جج جا اختيار گهٽائڻ خلاف سنڌ ۾ وڪيل سراپا احتجاج بڻيل آهن، ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ ٻين شهرن ۾ وڪيلن عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو، جنهن سبب ڪيسن جون ٻڌڻيون نه ٿي سگهيون.

سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي ڪراچي ۾سنڌ هاءِ ڪورٽ، ملير ۽ سٽي ڪورٽ سميت سمورن ماتحت عدالتن ۾ وڪيلن عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيل عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪرڻ کانپوءِ عدالت جي مک گيٽ آڏو ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، جنهن سبب ٻڌڻي تي آيل جوابدارن توڙي قيدين کي بنا ڪنهن ٻڌڻي جي واپس ڪيو ويو.

ملير ۾ به وڪيلن عدالتي ڪارواين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو.

وڪيلن جي احتجاج کانپوءِ ملير بار ايسوسيئيشن جي جنرل بادي جو اجلاس به ٿيو، جنهن ۾ سپريم  ڪورٽ جي اڳوڻي صدر علي احمد ڪرد به شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي علي احمد ڪرد چيو ته عوام پوليس جي رويي کان تنگ ٿي ڪيس داخل ڪرائڻ عدالت سان رابطو ڪندا آهن پر هاڻي اهي اختيار عدالت کان واپس وٺي  پوليس حوالي ڪيا ويا آهن.

علي احمد ڪرد نيشنل جڊيشل پاليسي ميڪنگ ڪميٽي کان بنا دير فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.

حيدرآباد ۾ به وڪيلن عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو.

جيڪب آباد ۾احمد نواز پيچوهو، مصري جکراڻي ۽ ٻين عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو.

سکر ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ، سيشن ڪورٽ، احتساب عدالت ۽ بينڪنگ ڪورٽ ۾وڪيلن ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو.

       دادو بار ۾ مرڪزي اعلان تي  جوهي، مهيڙ ۽ ڪي اين شاھ  جي وڪيلن پاران عدالتي ڪاررواين جي بائيڪاٽ سبب ڪيترن ئي قيدين جا ڪيس نه هلي سگهيا.

اوٻاوڙي، دادو، ڪشمور، نوابشاهه، جوهي، ميهڙ، ڪي اين شاهه ۽ ٻين شهرن ۾وڪيلن جي بائيڪاٽ سبب ٻڌڻيون نه ٿي سگهيون.

مختلف شهرن ۾ وڪيل اڳواڻن چيو ته عدالتن جا اختيار گهٽ ڪري ايس ايس پيز حوالي ڪرڻ سان مسئلا حل ٿيڻ بدران وڌي ويندا، چيف جسٽس پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*