سجاول ۾ واپاري جي گهر مان لکين رپين جي چوري ڪندڙ ٻن جوابدارن کي پوليس گرفتار

سجاول ۾ واپاري جي گهر مان لکين رپين جي چوري ڪندڙ ٻن جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪري چوري ڪيل سونا زيور ۽ روڪ رقم هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پوليس موجب جوابدارن، واپاري نور احمد ميمڻ جي گهر ۾ داخل ٿي 20 لک روڪ رقم ۽ قيمتي سونا زيور چوري ڪري ويا هئا.

پوليس موجب سي سي ٽي وي ڪئمرا جي مدد سان جوابدار عمران ميمڻ ۽ شهلا ميمڻ کي گرفتار ڪيو ويو، جن وٽان  چوري ڪيل رقم ۽ سامان به هٿ ڪيو ويو آهي……………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*