ميرپورخاص ڀرسان جمڙائو ڪينال ۾ ٻڏي فوت ٿيل ناري بيبي مري واري واقعي جو کاڻ ٿاڻي تي سرڪار جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو

ميرپورخاص ڀرسان جمڙائو ڪينال ۾ ٻڏي فوت ٿيل ناري بيبي مري واري واقعي جو کاڻ ٿاڻي تي سرڪار جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو، ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار اياز، نادر ۽ مراد مري ناري جي وڊيو ٺاهي کيس بليڪ ميل ڪيو، ناري بدنامي جي خوف کان ڪينال ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب ميرپورخاص ڀرسان جمڙائو ڪينال ۾ ٻڏي فوت ٿيل ناري بيبي مري واري واقعي جو کاڻ ٿاڻي تي سرڪار جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو.

ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار اياز، نادر ۽ مراد مري ناري جي وڊيو ٺاهي کيس بليڪ ميل ڪيو، ناري بدنامي جي ڊپ کان ڪينال ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪيو.

پوليس موجب ناري جي لاش جي پوسٽ مارٽم لاءِ قبر ڪشائي 28 مارچ تي ڪئي ويندي.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن ناري صائمه عرف بيبي مري جو جمڙائو ڪينال مان لاش هٿ اچڻ بعد وارثن موقف اختيار ڪيو هو ته ناري سيلفي وٺندي ڪينال ۾ ڪري فوت ٿي آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*