پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته راولپنڊي ۽ پيپلزپارٽي جو پراڻو واسطو آهي

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته راولپنڊي ۽ پيپلزپارٽي جو پراڻو واسطو آهي، پنڊي سدائين پيپلزپارٽي کي لاش، گرفتاريون ۽ سختيون ڏنيون آهن، پي ٽي آءِ حڪومت جي ڪوشش آهي ته نيب جي اوٽ ۾ڏڦيڙ پکڙيو وڃي.

 سکر ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته پ پ اڳواڻن جون گرفتاريون ڪا نئين ڳالهه ناهي، اڳ به راولپنڊي جي عدالت آصف زرداري ۽ شهيد بينظير ڀٽو کي جيل اماڻيو هو.

هن چيو ته وفاقي حڪومت کي سنڌ جي عدالتن ۽ ادارن تي اعتبار ناهي، ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته نيب جي اوٽ ۾ ملڪ ۾ڏڦيڙ پکيڙيو وڃي، پيپلزپارٽي گذريل 50 سالن کان ڏکين حالتن جو مقابلو ڪري رهي آهي.

خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته شيخ رشيد جو بلاول ڀٽو زرداري بابت بيان رڪارڊ جو حصو بڻايو وڃي، فواد چوڌري بيان جاري ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ڪري سگهندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*