موهن جو دڙو ڀرسان ايئرپورٽ روڊ تي چانڊيا برادري جي ماڻهن عورتن سان گڏجي باڊهه پوليس خلاف ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو

موهن جو دڙو ڀرسان ايئرپورٽ روڊ تي چانڊيا برادري جي ماڻهن عورتن سان گڏجي باڊهه پوليس خلاف ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.

ڳوٺ چانڊيا جي رهواسين حاجي احمد چانڊيو، غفار، راحب ديدار، عورتن زينب، عرشي، عظيمان، زهره چانڊيو ۽ ٻين 50 کان وڌيڪ ڳوٺاڻن ايئرپورٽ روڊ تي چنا پل وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

 احتجاج ڪندڙ عورتن ۽ مردن باڊهه پوليس خلاف دانهيندي چيو ته سندن 8 کان وڌيڪ ڳوٺاڻن کي پوليس گرفتار ڪيو آهي، جيڪي بي گناهه آهن.

هنن چيو ته ملاڻا برادري جا ماڻهو کين قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، پر تنهن باوجود پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهن.

هنن اعليٰ اختيارين کان معاملي جو نوٽيس وٺي پوليس ۽ بااثرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*