ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جو خاتمو آڻي ئي سک جو ساهه کنيو ويندو، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته دشمن ڀڄي ويو آهي پر ختم ناهي ٿيو، سڪيورٽي اهلڪار الرٽ رهن، امن امان قائم ڪرڻ ۽ دهشتگردي جو خاتمو سڪيورٽي ادارن جي ذميواري آهي، ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جو خاتمو آڻي ئي سک جو ساهه کنيو ويندو.

پشاور ۾ ايف سي جي پاسنگ آئوٽ پريڊ تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو ته اسلام پر امن مذهب آهي، جيڪو تشدد جي اجازت نٿو ڏئي.

هن چيو ته ڪجهه ماڻهو اسلام جي نالي تي دهشتگردي ڪري رهيا آهن، جنهن سبب فرق پيدا ٿي رهيو آهي، سڀني کي گڏجي دهشتگرد عنصرن جو رستو روڪڻو پوندو.

وفاقي گهرو وزير چيو ته اسلام سميت ڪو به مذهب رتو ڇاڻ جي اجازت نٿو ڏئي، بزدل دهشتگرد عورتن ۽ ٻارڙن  تي حملا ڪري رهيا آهن ۽ ملڪ جا تعليمي ادارا به محفوظ ناهن، امن قائم ڪرڻ ۽ دهشتگردي جو خاتمو سڪيورٽي ادارن جي ذميواري آهي.

چوڌري نثار چيو ته سرحدن جو تحفظ پاڪ فوج جي ذميواري آهي، آپريشن ضرب عضب شروع ٿيڻ کانپوءِ ملڪ ۾ مجموعي طور امن آهي پر دشمن ڀڄي ويو آهي، ختم ناهي ٿيو، سڪيورٽي اهلڪارن کي الرٽ رهڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*