پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي شارجه ۾ کيڏي ويندي

پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي شارجه ۾ کيڏي ويندي،جنهن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ٽيم اڄ ٻئي ڏينهن به ٽريننگ سيشن ۾ شرڪت ڪندي.

پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي شارجه ۾ پاڪستاني ٽائم مطابق شام چار وڳي شروع ٿيندي.

قومي ٽيم گذريل ڏينهن هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جي نگراني هيٺ ڀرپور ٽريننگ سيشن ۾شرڪت ڪئي.

ٽريننگ سيشن دوران سمورن رانديگرن مختلف ورزشون ڪرڻ بعد نيٽ ۾بيٽنگ ۽ بالنگ جي پريڪٽس ڪئي

واضح رهي ته قومي ٽيم جي ڇهه رانديگرن کي آرام ڪرايو ويو،جنهن ۾ڪپتان سرفراز احمد به شامل آهي،جنهن جي جاءِ تي شعيب ملڪ ٽيم جي قيادت ڪندو.

ٻنهي ٽيمن وچ۾مجموعي طورتي 98ون ڊي ميچز کيڏيون ويون آهن، جن مان 62۾ قومي ٽيم کي شڪست ۽32ميچز ۾ڪاميابي نصيب ٿي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*