خاص عدالت پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪرڻ واري استدعا رد ڪري ڇڏي

 خاص عدالت، پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪرڻ واري استدعا رد ڪري ڇڏي آهي، جسٽس فيصل عرب هدايت ڪئي آهي ته فوجداري ڪيس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري سگهجي ٿو يا نه، ايندڙ ٻڌڻي تي ان حوالي سان معاونت ڪئي وڃي.

جسٽس فيصل عرب جي سربراهه ۾ ٽي رڪني خاص عدالت اڳوڻي آمر پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران پراسڪيوٽر اڪرم شيخ عدالت کي آگاهي ڏني ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، پرويز مشرف خلاف ڪارروائي کان ناهي روڪيو، هاءِ ڪورٽ جو حڪم رڳو ٽن شريڪ جوابدارن خلاف آهي.

اڪرم شيخ عدالت کي استدعا ڪئي ته هاءِ ڪورٽ جو تفصيلي فيصلو اچڻ تائين ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪئي وڃي.

عدالت، ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪرڻ واري استدعا رد ڪندي چيو ته فوجداري ڪيس ڪيئن اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري سگهجي ٿو.

عدالت، ان حوالي سان ايندڙ ٻڌڻي تي معاونت جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 26 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*