هن وقت ملڪ ۾ ٻن وڏن ڊيمز  جي ضرورت آهي، اڳوڻو چيف جسٽس ميان ثاقب نثار

اڳوڻي چيف جسٽس  ميان ثاقب نثار چيو آهي ته پاڪستان ۾ پاڻيءَ جي کوٽ آهي، پر افسوس آهي حڪومت ڪو قدم کڻڻ ته ٺهيو پر عوام ۾ آگاهي جي ڪا مهم به نه هلائي رهي آهي، عوام ۾ ڊيم جي اهميت اجاڳر ڪرڻ جي ضرورت آهي.

ڪينيڊا جي شهر اوٽاوا ۾ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي جيف ريفنگ سان ملاقات ٿي، جنهن دوران ثاقب نثار کيس پاڪستان ۾ پاڻي بحران بابت آگاهه ڪيو.

جنهن کانپوءِ ثاقب نثار ڊيم فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ بلال مسجد پهتو، جتان 4 لک 26  هزار 6 سئو ڪينڊين ڊالر جا عطيا گڏ ڪيا ويا.

ڪينيڊا جي شهر اوٽاوا جي بلال مسجد ۾ موجود پاڪستانين سان ڳالهائيندي ثاقب نثار چيو ته اسان کي پنڻ بنا ڊيم ٺاهڻو آهي، تحقيق موجب، پاڪستان کي هر 10 سالن کانپوءِ ڊيم جي ضرورت آهي.

هن چيو ته، 2025 کان پوءِ پاڪستان ۾ سخت پاڻي جي کوٽ پيدا ٿيندي، جنهن لاءِ ڊيم ٺاهڻ انتهائي ضروري آهي، ماڻهن ۾ ڊيم جي اهميت کي اجاڳر ڪرڻ ضروري آهي.

جسٽس رٽائرڊ ثاقب نثار چيو ته پاڪستان ۾ ماحوليات جي شعبي کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي، هن وقت ملڪ ۾ ٻن وڏن ڊيمز  جي ضرورت آهي.

اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين وڏيون قربابنيون ڏنيون آهن، سندن لاءِ ملڪ محبت جو جذبو واکاڻ جوڳو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*