ڏهرڪي ويجهو 2 ڀينرون مبينا طور اغوا ٿي ويون

  ڏهرڪي ويجهو 2 ڀينرون مبينا طور اغوا ٿي ويون آهن، نارين جي بازيابي لاءِ وارثن قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.

ڳوٺ حافظ سلمان ۾ 2 ناريون 14 سالن جي رينا ۽ 16 ورهين جي روينا مبينا طور اغوا ٿي ويون.

واقعي کانپوءِ نارين جي وارثن قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

قومي شاهراهه تي ڌرڻي سبب ڪيترائي ڪلاڪ گاڏين جون قطارون لڳي ويون.

احتجاج ڪندڙ اڳواڻن چيو ته جوابدارن جي نشاندهي باوجود پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي، جوابدارن خلاف ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي.

هنن اعليٰ اختيارين کان معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.

علائقي ۾ چوٻول آهن ته ٻئي ڀينرون پسند جي پرڻي لاءِ گهران نڪري ويون آهن.

ڏهرڪي پوليس رپورٽ داخل ٿيڻ کانپوءِ ڪارروائي ڪندي هڪ جوابدار احمد علي شاهه کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته نارين جي وارثن طرفان نامزد ڪيل جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن، سندن گرفتاريءَ لاءِ ڪوششون جاري آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*