نيوزيلينڊ ۾ ڪرائيسٽ چرچ سانحي جي شهيدن جي تدفين جو سلسلو جاري

نيوزيلينڊ ۾ ڪرائيسٽ چرچ سانحي جي شهيدن جي تدفين جو سلسلو جاري آهي، مسجدن تي ٿيل دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيل سمورن 50 ڄڻن جي سڃاڻپ ٿي وئي، پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عبدالمالڪ موجب، ڪرائسٽ چرچ سانحي ۾ شهيد ٿيل 9 پاڪستانين مان 7 ڄڻن جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا آهن.

نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ سانحي ۾ شهيد ٿيلن جي تدفين جو سلسلو جاري آهي، ان حوالي سان تياريون به مڪمل ڪيون ويون آهن.

نيوزيلينڊ ۾ مقرر پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عبدالمالڪ موجب، ڪرائسٽ چرچ سانحي ۾ شهيد ٿيل 9 پاڪستانين مان 7 جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا آهن.

عبدالمالڪ موجب، مسجد تي حملو ڪندڙ کي روڪڻ دوران شهيد ٿيل نعيم راشد ۽ سندس پٽ جا مڙهه اڄ وارثن حوالي ڪيا ويندا.

مسجد حملي ۾ شهيد ڪراچي جي سيد اريب احمد جي جنازي نماز ڪرائسٽ چرچ ۾ ادا ڪئي وئي، مڙهه ايندڙ هفتي پاڪستان آندو ويندو

ڪرائسٽ چرچ سانحي ۾ ذيشان رضا، سندس والد غلام حسين، والدا ڪرم بي بي، ڪراسي واسي سيد اريب احمد، محبوب هارون، سهيل شاهد، جهانداد علي، نعيم رشيد ۽ سندس پٽ طلحهٰ نعيم شهيد شهيد ٿي ويا هئا

ٻئي طرف ڪرائسٽ چرچ ۾ دهشتگردي جو شڪار النور مسجدن جي بحالي جو ڪم تيزي سان جاري  آهي، جتي سڀاڻي جمعي جي نماز ادا ڪئي ويندي.

ٻئي طرف پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن النور مسجد تي حملي بابت سموريون شاهديون گڏ ڪري ورتيون آهن.

مسلم  ڪميونٽي سان ٻڌي جو اظهار ڪندي نيوزيلينڊ ۾ جمعيتي سرڪاري ميڊيا تي اذان به نشر ڪئي ويندي ۽ ٻن منٽن لاءِ خاموشي اختيار ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*