پشاور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت مشال قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

پشاور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت مشال قتل ڪيس جي چئن جوابدارن جو فيصلو ٻڌائيندي تحريڪ انصاف جي اڳوڻي ڪائونسلر عارف خان سميت ٻن ڄڻن کي عمر قيد ۽ ٻن ڄڻن کي بري ڪري ڇڏيو.

پشاور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت توهين مذهب جي ڪوڙي الزام قتل ڪيل نوجوان مشال قتل ڪيس جو 12 مارچ تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت مشال خان قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته ٻن ڄڻن کي بري ڪري ڇڏيو.

عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي قتل ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي اڳوڻي ڪائونسلر عارف خان ۽ اسد ڪاٽلنگ کي عمر قد جي سزا ٻڌائي.

عدالت مشال قتل ڪيس ۾ جوابدار صابر مايار ۽ اظهار اظهار جوني کي بري ڪري ڇڏيو.

واضح رهي ته مردان جي عبدالولي خان يونيورسٽي ۾ 13 اپريل 2017 ۾ جرنلزم  جي 23 ورهين جي شاگرد مشال خان کي مڇريل ماڻهن توهين مذهب جو الزام لڳائي قتل ڪيو هو.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت 12 مارچ تي مشال قتل ڪيس جي چئن جوابدارن بابت فيصلو محفوظ ڪيو هو، ڪيس دوران مشال جي والد ۽ 46 شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا.

ايبٽ آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج فضل سبحان 27 جنوري 2018 تي ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي هڪ جوابدار کي موت جي سزا، 5 ڄڻن کي عمر قيد جي سزا ۽ 26 ڄڻن کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*