اڄ ڪٺ پتلين جو عالمي ڏينهن آهي، عمران خان ۽ تحريڪ انصاف کي واڌايون هجن، بلاول ڀٽو زرداري

پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري دلچسپ ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته ڪٺ پتلين جو عالمي ڏينهن آهي، وزيراعظم عمران خان ۽ تحريڪ انصاف کي واڌايون هجن.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي بلاول ڀٽو زرداري ڪٺ پتلين جي عالمي ڏينهن کي وزيراعظم عمران خان تي تنقيد لاءِ استعمال ڪيو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اڄ ڪٺ پتلين جو عالمي ڏينهن آهي، عمران خان ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي واڌايون هجن.

ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڇا حڪومت بندش پيل تنظيمن سان واڳيل وفاقي وزيرن کي هٽايو آهي، ڇا پرامن احتجاج ڪندڙ پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو آهي؟

پيپلزپارٽي چيئرمين چيو ته لاٺي گولي جي سرڪار نه هلندي، پ پ جا پرامن ڪارڪن اڃا تائين ٿاڻن ۾ واڙيل آهن.

واضح رهي ته بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم عمران خان تي گذريل ڪجهه مهينن کان تنقيد ڪر رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*