پيپلزپارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف سيڪريٽريٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي نيب راولپنڊي پيشي دوران ٿيل چڪرين سبب پيپلزپارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف سيڪريٽريٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ايف آءِ آر ۾ اهلڪارن تي حملو، ڊيوٽين ۾ اٽڪاءُ ۽ ڀڃ ڊاهه بابت قلم شامل ڪيا ويا آهن.

ڪيس ۾ سينيٽر مصطفي نواز کوکر، راجا شڪيل عباسي سميت 70  ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو آهي،

گذريل ڏينهن نيب راولپنڊي هيڊ ڪوارٽرز ٻاهران آصف ذرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي پيشي دوران ڪارڪنن ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون ٿيون هيون، ان جو ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي.

ايف آءِ آر ۾ سينيٽر مصطفي نواز کوکر، راجا شڪيل عباسي سميت 70 ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو آهي.

ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته پيپلزپارٽي جا ڪارڪن جلوس جي صورت ۾ نادرا چوڪ وٽ آيا.

ايف آءِ آر ۾ اهلڪارن تي حملو، سرڪاري ڪم ڪار ۾ مداخلت ۽ ڀڃ ڊاهه جا قلم شامل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته حڪومتي ادارن خلاف نعرن جا قلم به شامل ڪيا ويا آهن.

ذريعن موجب، پيپلزپارٽي جي سينيٽر مصطفيٰ نواز جي گرفتاري لاءِ چيئرمين سينيٽ سان رابطو ڪيو ويندو، سينيٽ چيئرمين جي اجازت کانپوءِ مصطفيٰ نواز جي گرفتاري جو امڪان آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*