ڪراچي ۾ ننڍي چونڊ دوران اصل مقابلو ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف ۾ هو، شاهه محمود قريشي

تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قريشي ننڍي چونڊ ۾ متحده کي ڪاميابي تي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته هنن نون ليگ وانگر ڀڳوڙو ٿي ميدان خالي نه ڇڏيو، عمران اسماعيل ڪراچي ۾ خوف جو بت ٽوڙي پارٽي جو جهنڊو ڦڙڪايو، ننڍي چونڊ مان ثابت ٿي ويو آهي ته متحده جون ايندڙ چونڊن ۾ 10 سيٽون خطري ۾ پئجي ويون آهن.

پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته  تحريڪ انصاف پاران ايم ڪيو ايم جي ڳڙهه ۾ 23 هزار ووٽ ملڻ تي کين فخر آهي، پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏيندڙ عورتون توڙي مرد مجاهد آهن.

هن چيو ته ننڍي چونڊ ۾ هو ڪاميابي تي متحده جي ڪنور نويد جميل کي واڌايون ڏئي ٿو، ڪراچي ۾ خوف جو بت توڙي پارٽي جو جهنڊو ڦڙڪائيندڙ عمران اسماعيل تي پارٽي کي فخر آهي.

شاهه محمود قريشي چيو ته ڪراچي ۾ ننڍي چونڊ دوران اصل مقابلو ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف ۾ هو، جماعت اسلامي ڪجهه حاصل نه ڪيو ، جنهن سان پي ٽي آءِ کي به نقصان ٿيو، جيڪڏهن جماعت اسلامي سندن ساٿ ڏئي ها ته صورتحال تبديل هجي ها.

هڪ سوال جي جواب ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته ڪراچي جي ننڍي چونڊ مان ظاهر ٿي ويو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ايم ڪيو ايم جون 10 سيٽون خطري ۾ پئجي ويون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*