ٻن هوشيار ٻارن “ابـُو بچايو” تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي، فواد چوڌري

وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ٻن هوشيار ٻارن “ابـُو بچايو” تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي، پر پاڪستان  جو عوام هاڻي ٻن خاندانن کان بيزار ٿي چڪو آهي، نئين پاڪستان ۾ ٻنهي خاندانن جو ڪو به سياسي مستقبل نه آهي.

جهلم ۾ تقريب کي خطاب ڪندي فواد چوڌري چيو ته ماضي جي حڪمرانن ڪرپشن جي فصل کي پاڻي ڏنو پر نئين پاڪستان ۾ڪرپشن جو فصل پاڙان پٽيو ويو آهي.

هن چيو ته، شدت پسندي خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، پاڪستان جو مستقبل روشن آهي

وفاقي وزير چيو ته عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان پهريون ماحول دوست ملڪ آهي، ماضي ۾ ٻيلن کي به ڪرپشن جي ور چاڙهيو ويو.

هن چيو ته ڀارت ۾ سمجهوتا ايڪسپريس جي جوابدارن کي بري ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي، ڀارت ۾ ماضي به دهشتگردن کي آزاد ڪيو ويو آهي.

فواد چوڌري چيو ته ڀارتي حڪومت هندو انتهاپسندي کي هٿي ڏئي هي آهي، جڏهن ته پاڪستان شدتپسندن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪئي آهي.

هن چيو ته پاڪستان ۾  عسڪري ۽ سياسي قيادت هڪ پيج تي آهي، جڏهن ته ماضي جي سياستدانن جو مستقبل اونداهي آهي.

فواد چوڌري چيو ته پاڪستان جو مستقبل محفوظ هٿن ۾ آهي، جڏهن ته ٻن هوشيار ٻارن “ابـُو بچايو” تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي، پر پاڪستان  جو عوام هاڻي ٻن خاندانن کان بيزار ٿي چڪو آهي.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته ، نئين پاڪستان ۾ ٻنهي خاندانن جو ڪو به سياسي مستقبل نه آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*