سپريم ڪورٽ بحريا ٽائون ڪراچي جي 460 ارب رپين جي آڇ قبول ڪري ورتي

سپريم ڪورٽ بحريا ٽائون ڪراچي جي 460 ارب رپين جي آڇ قبول ڪري ورتي، بحريا ٽائون ڪراچي پراجيڪٽ تي 460 ارب 7 سالن ۾ ادا ڪندو، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته بحريا ٽائون رقم وقت تي نه ڏني ته پوءِ ريفرنس داخل ڪيو ويندو.

جسٽس عظمت سعيد جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ بحريا ٽائون ڪيس  جي ٻڌڻي ڪئي، بحريا ٽائون جي وڪيل استدعا ڪئي ته رقم ادا ڪرڻ وارو مدو 7 سال  مان وڌائي ساڍا ست سال ڪيو وڃي. جنهن تي جسٽس عظمت سعيد چيو ته ساڍن ستن سالن ۾ ادائيگي ڪرڻي آهي ته پوءِ نيب سان ڳالهايو.

سپريم ڪورٽ نيب کي بحريا ٽائون خلاف ريفرنس داخل ڪرائڻ کان روڪي ڇڏيو.

عدالت حڪم ڏنو ته بحريا ٽائون ڊائون پيمنٽ جي مد ۾ 25 ارب ڏيندو، 25 ارب 27 آگسٽ تائين ادا ڪرڻا پوندا.

عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته بحريا ٽائون رقم وقت تي نه ڏني ته پوءِ ريفرنس داخل ڪيو ويندو.

عدالت چيو ته نيب کي ريفرنس داخل ڪرائڻو هوندو ته اهو به اڳ سپريم ڪورٽ کي درخواست ڏيندو، عدالت ڌرين کي ٻڌي ئي ريفرنس بابت فيصلو ڪندي.

ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته سموري رقم سنڌ حڪومت کي جمع ڪرائي وڃي، جنهن تي عدالت رقم سنڌ حڪومت کي جمع ڪرائڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي

جسٽس فيصل عرب چيو ته سنڌ حڪومت  ته پئي پئي ته انهن جو نقصان ئي نه ٿيو آهي، اوهان کي خبر آهي، سنڌ حڪومت ڪيترن پيسن تي راضي هئي؟ جنهن تي جسٽس عظمت سعيد چيو ته اسان کي خبر آهي ته زمين ڪنهن جي هئي.

عدالت چيو ته جيڪڏهن ٻه يا مجموعي طور تي ٽيون قسطون ڏيڻ ۾ ناڪامي تي ڊيفالٽ تصور ڪيو ويندو.

واضح رهي ته بحريا ٽائون جي آڇ ۾ چيو ويو هو ته پنجن سالن تائين 2.25 ارب رپيا ماهوار ادا ڪيا ويندا، جنهن کانپوءِ باقي رقم ٽن سالن ۾ ادا ڪئي ويندي، 20 ارب رپين جي ڊائون پيمينٽ جڏهن ته قسطن جو 30 سيڪڙو به جمع ڪرايو ويندو، گارنٽي طور چڙيا گهر، پارڪ ۽ سئنيما پيش ڪيا ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*