ڪراچي جي حسن اسڪوائر واري علائقي ۾ عمارت کي لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو

ڪراچي جي حسن اسڪوائر واري علائقي ۾ عمارت کي لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو، باهه دوران عمارت تان ٽپو ڏيندڙ 2 ڄڻا فوت ۽ 13 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا.

حسن اسڪوائر وٽ ممتاز منزل ڀرسان 13 ماڙ عمارت کي باهه لڳي وئي.

عمارت کي باههلڳڻ سبب ڪيترائي ماڻهو ڦاسي پيا، جن مان ٻن ڄڻن جان بچائڻ لاءِ عمارت تان ٽپو ڏنو، جڏهن ته عورت سميت 13 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا.

ٽپو ڏيندڙ ٻن ڄڻن ۽ سڙي زخمي ٿيلن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ٽپو ڏيندڙ ٻئي ڄڻا زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويا.

امداي ٽيمون ۽ فائربرگيڊ ۽ نيوي جا رضا ڪار باهه وسائڻ لاءِ پهتا، جڏهن ته عمارت ۾ ڦاٿل ماڻهن کي هيليڪاپٽر ذريعي ٻاهر ڪڍيو ويو.

مڪاني کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني باهه لڳڻ وارير واقعي جو نوٽيس وٺندي ڪي ايم سي ۽ بين دارن کي بنا دير باهه واري هنڌ پهچڻ جي هدايت ڪئي.

فائر برگيڊ، ڪي ايم سي ۽ نيوي جي رضا ڪارن ٻن ڪلاڪن جي جدوجهد کانپوءِ باهه تي ضابطو آندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*