چيف جسٽس آف پاڪستان پاران اسد منير جي آپگهات واري معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو ويو

چيف جسٽس آف پاڪستان سي ڊي جي اسٽيٽ ميمبر برگيڊيئر رٽائرڊ اسد منير جي آپگهات واري معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي، 15 مارچ تي برگيڊيئر رٽائرڊ اسد منير مبينا طور آپگهات ڪيو ۽ نيب خلاف هڪ شڪايتي خط سپريم ڪورٽ جي نالي لکيو.

چيف جسٽس آف پاڪستان سي ڊي جي اسٽيٽ ميمبر برگيڊيئر رٽائرڊ اسد منير جي آپگهات واري معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو آهي ۽ نيب چيئرمين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

ذريعن موجب، اهو خط سپريم ڪورٽ کي ملي ويو آهي ذريعن موجب، آپگهات کان اڳ اسد منير طرفان لکيل خط سپريم ڪورٽ کي ملي ويو آهي.

واضح رهي ته 15 مارچ تي برگيڊيئر رٽائرڊ اسد منير مبينا طور آپگهات ڪيو هو، جنهن دوران سندس لاش ويجهو هڪ خط به مليو هو.

اسد منير خط ۾ نيب جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو هو ۽ چيف جسٽس کي معاملي جو نوٽيس وٺڻ جو چيو هو.

مبينا خط ۾ لکيل هو ته 2008 ۾ ايف اليون جو هڪ پلاٽ چيئرمين سي ڊي اي ري اسٽور ڪيو، آئون 2006 کان 2010 تائين ميمبر اسٽيٽ رهيس.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*