قمبر جي عدالت قتل ڪيس ثابت ٿيڻ تي جوابدارن کي جنم ٽيپ ڏئي ڇڏي

قمبر جي عدالت قتل ڪيس ثابت ٿيڻ تي جوابدارن کي جنم ٽيپ ڏئي ڇڏي آهي.

قمبر جي ڊسٽرڪٽ سيشن جج منومل کڳيجا جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار سعيد احمد ڪلهوڙو کي عمر قيد ۽ 2 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آھي.

 جوابدار 2015 ۾ بهرام ٿاڻي جي حد ۾ پنهنجي ئي برادري جي رازق ڏنو ڪلهوڙو کي قتل ڪيو هيو.

قتل جو ڪيس مقتول جي پٽ شاهد حسين ڪلهوڙو بهرام ٿاڻي تي داخل ڪرايو هيو، جنهن جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت کيس سزا ٻڌائي آھي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*