پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريزجي پهرين ميچ ۾ اڄ شارجه ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي

پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريزجي پهرين ميچ ۾ اڄ شارجه ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي،جنهن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ گذريل قومي ٽيم ڀرپور ٽريننگ سيشن ۾ شرڪت ڪئي.

شارجه ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ گذريل ڏينهن قومي ٽيم هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جي نگراني هيٺ ڀرپورٽريننگ سيشن ۾ شرڪت ڪئي.

ٽريننگ سيشن دوران ٽيم جي سمورن رانديگرن گهڻو وقت نيٽ ۾ بيٽنگ ۽ بالنگ جي پريڪٽس کي ڏنو.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ رٿيل ون ڊي سيريز کان پهرين کان اڳ شارجه ڪرڪيٽ اسٽِيڊيم ٽرافي جي نماءِ واري تقريب منعقد ڪئي وئي،جنهن ۾ ٻنهي ٽيمن جي ڪپتانن شرڪت ڪئي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي ڪپتان شعيب ملڪ چيو ته هو گهڻو مطئمن آهي ته ٽيم ۾ سليڪٽ ٿيل سمورا رانديگر ڀرپور صلاحيتن جا مالڪ آهن ۽ سيريز ۾ دلچسپ ۽سخت مقابلو ٿيندو.

ٻئي طرف ڪينگروز جي ڪپتان آرون فنچ  چيوته ڏکڻ ايشيا ۾ پچز هڪ جهڙيون هونديون  آهن ۽ ٽيم جا سمورا رانديگر ڪاميابي واري سلسلي کي جاري رکڻ لاءِ پراميد آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*