سپريم ڪورٽ شهباز شريف جي ضمانت خلاف داخل نيب جي اپيل اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ مسلم ليگ نون جي صدر شهباز شريف جي ضمانت خلاف داخل نيب جي اپيل اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي، رجسٽرار آفيس اپيلن تي نمبرنگ غلط هئڻ سبب اعتراض لڳايا، رجسٽرار اپيلن تي لڳايل اعتراض ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

نيب آشيانا ۽ رمضان شگر ملز ڪيس ۾ شهباز ۽ فواد حسن فواد جي ضمانتن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيلون داخل ڪرايون هيون.

سپريم ڪورٽ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جي ضمانت خلاف داخل نيب جي اپيل اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي.

رجسٽرار آفيس فواد حسن فواد جي ضمانت خلاف اپيل تي به اعتراض لڳايو، رجسٽرار آفيس اپيلن تي نمبرنگ غلط هئڻ سبب اعتراض لڳايا ۽ اپيلن تي لڳايل اعتراضن کي ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*