اسلام آباد جي احتساب عدالت جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر کي 8 اپريل تي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد جي احتساب عدالت جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر سيمت ٻين جوابدارن کي 8 اپريل تي طلب ڪري ورتو، حسين لوائي ۽ انور مجيد سميت 24 جوابدارن کي پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ڪراچي مان اسلام آباد منتقل ٿيڻ بعد احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي طلبي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، سندس ڀيڻ فريال ٽالپر، حسين لوائي ۽ انور مجيد ي 8 اپريل تي حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

احتساب عدالت نمر مجيد، ڪمال مجيد انور مجيد  سميت مجموعي طور 24 جوابدرن کي طلبي جا نوٽيس جاري ڪيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*