پاڪستان ۽ ملائيشيا دفاع، واپار، زرات ۽ ٻين شعبن ۾ ٻطرفو سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪري ورتو

پاڪستان ۽ ملائيشيا دفاع، واپار، زرات ۽ ٻين شعبن ۾ ٻطرفو سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪري ورتو، ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته پاڪستان ملائيشيا سان پنج وڏن منصوبن جي مفاهمتي يادداشتنامن تي صحيحون ڪيون آهن، ملائيشيا جي ايف 17 جهازن جي خريداري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي.

وزيراعظم عمران خان ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم مهاتير محمد جي گڏيل پريس ڪانفرنس کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وفدن وچ ۾ ڳالهيون ٿيون.

ان موقع تي ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن کانسواءِ ناڻي وارو وفاقي وزير اسد عمر، فواد چوڌري، خسرو ختيار، واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائو، زلفي بخاري ۽  هارون رشيد   به موجود هئا.

ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ملائيشيا سان پنج وڏن منصوبن جي يادداشتنامن تي صحيحون ٿيون آهن، دوست ملڪ جي ايف 17  جهازن جي خريداري ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي  آهي ۽ ملائيشيا ۾ ٿيندڙ دفاعي نمائش جي دعوت به ڏني آهي.

اسد عمر چيو ته وفد چيو آيه ته ملائيشيا جي ميزائل برآمد ڪرڻ واري معاهدي تي جلد عمل ڪيو ويندو.

ناڻي واري وفاقي وزير چي ته ملائيشيا پاڪستان کان گوشت ۽ چاور خريد ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، بنهي ملڪن وچ ۾ بينڪن جون شاخون کولڻ تي اتفاق ٿيو آهي، سياحت جي شعبي ۾ ملائيشيا جي تجربن کان فائدو حاصل ڪنداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*