سڄي ملڪ جي 43 مان 42 ڪنٽونمينٽ بورڊز ۾ پارٽي بنيادن تي پولنگ جو عمل جاري، سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا

سڄي ملڪ جي 43 مان 42 ڪنٽونمينٽ بورڊز ۾ پارٽي بنيادن تي مڪاني چونڊون لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي، هڪ سئو 99 سيٽن لاءِ سڄي ملڪ مان 11 سئو 51 اميدوار ميدان تي آهن، جن مان سڀ کان وڌيڪ تحريڪ انصاف جا هڪ سئو 33 اميدوار حصو  وٺي  رهيا آهن.

ملڪ جي 42 ڪنوٽنمينٽ بورڊز ۾ 17 ورهين جي ڊگهي عرصي کانپوءِ  مڪاني چونڊون پارٽي بنيادن تي ٿي رهيون آهن، جنهن لاءِ پولنگ جو عمل صبح 8 وڳي شروع ٿيو، جيڪو بنا ڪنهن وقفي جي شام جو پنجين وڳي تائين جاري رهندو.

چونڊن دوران سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪندي پاڪ فوج ۽ رينجرز جا 12 هزار چار سئو اهلڪار  ڪيا ويا آهن.

 اليڪشن ڪميشن مطابق هڪ سئو 99 سيٽن لاءِ سڄي ملڪ مان يارنهن سئو 51 اميدوار ميدان تي لٿل آهن، جن مان 6 سئو 10 اميدوار آزاد حيثيت سان حصو وٺي رهيا آهن.

18 سياسي پارٽين جا 5 سئو 41 اميدوار ميدان ۾ آهن، جن مان سڀ کان وڌيڪ تحريڪ انصاف جا هڪ سئو 33 اميدوار اليڪشن وڙهي رهيا آهن.

مسلم ليگ نون هڪ سئو 28 اميدوارن سان گڏ ٻي نمبر تي آهي، جڏهن ته پيپلزپارٽي جا 89 ۽ جماعت اسلامي جا 74 اميدوار حصو وٺي رهيا آهن.

ايم ڪيو ايم ۽ عوامي تحريڪ جا گڏيل طور 27-27 اميدوارن ميدان ۾ آهن، اي اين پي جا 13 ۽ عوامي مسلم ليگ جا به 9 اميدوار ڪاميابي لاءِ پر عزم آهن.

مڪاني چونڊن لاءِ سڄي ملڪ جي ڪينٽونمينٽ بورڊ ۾ هڪ هزار 225 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آهن، جن مان هڪ سئو 130 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس ۽ 10 کي حساس قرار ڏنو ويو آهي.

 ڇانوڻي بورڊ لاءِ اليڪشن ڪميشن پاران 20 لک بيلٽ پيپر ڇپرايا ويا آهن، ڇانوڻي بورڊ جي نتيجن جو اعلان 28 اپريل تي ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*