اسلامي فوبيا بابت گڏيل قومن ۾ اثرائتي قانونسازي ٿيڻ گهرجي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسلامي فوبيا بابت گڏيل قومن ۾ اثرائتي قانونسازي ٿيڻ گهرجي، ڀارت ۾ مسلمانن کي تعصب جو نشانو بڻايو پيو وڃي. ترڪ صدررجب طيب اردگان چيو آهي ته انسانيت خاطر اسلامي فوبيا سان وڙهڻ گهرجي، جيسينڊا آرڊرن سمورن اڳواڻن لاءِ ماڊل آهي.

ڪرائسٽ چرچ سانحي کانپوءِ استنبول ۾ هنگامي طور سڏايل او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس ٿيو، جنهن ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سميت 20 ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ دهشتگردي خلاف گڏيل حڪمت طئي ڪرڻ تي غور ويچار ڪيو ويو.

اجلاس کي خطاب ڪندي ترڪي صدر رجب طيب اردگان چيو ته انسانيت خاطر اسلامي فوبيا سان وڙهڻ گهرجي، جيسينڊا آرڊرن سمورن اڳواڻن لاءِ ماڊل آهي.

ترڪ صدر چيو ته، اهڙن واقعن کان لاتعلقي ظاهر نٿا ڪري سگهجون جن سان مستقبل ۾ اسلامي دنيا کي خطرو هجي.

شاهه محمود قريشي چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو اجلاس فوري طور گهرائي اسلامي فوبيا تي اثرائتي قانونسازي ڪئي وڃي.

هن چيو ته، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوٽريس کي نفرت ۽ ڏوهن تي ٻڌل تقريرن کي روڪڻ واري مطالبي جي حمايت ڪرڻي پوندي.

پرڏيهي وزير  چيو ته، گڏيل قومن ۾ دهشتگردي جي لسٽنگ فريم ورڪ تي گڏيل نظرثاني ڪئي وڃي، اسلامي فوبيا خلاف گڏيل محاذ جوڙيو وڃي.

شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان جو پاڙيسري ملڪ جمهوريت ۽ سيڪولرزازم جو دعويدار آهي پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي.

هن چيو ته ڀارت ۾ بي جي پي مسلمانن خلاف تعصب رکندي آهي، سماجي سياسي ۽ معاشي ماٽيلي وارو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي، هندوتوا بريگيڊ جي هٿان مسلمانن جي توهين ڪئي ويندي آهي ۽ توهين جو نشانو بڻايو ويندوآ هي.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته  ڳئون جي حفاظت جي نالي تي مسلمانن جو قتل عام ڪيو ويندو آهي، زبردستي مذهب تبديل ڪرايو ويندو ايه، سکن، عيسائين ۽ دلت اقليتن کي جبر جونشانو بڻايو ويندو آهي.

واضح رهي ته اجلاس کان اڳ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي او آءِ سي جي اجلاس ۾ پهتو ته ترڪ پرڏيهي وزير سندس استقبال ڪيو.

شاهه محمود قريشي ايران جي پرڏيهي وزير جواد ظريف، افغانستان جي پرڏيهي وزير صلاح الدين رباني ۽ ڪويت جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ صباح  خالد حماد سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*