ڪراچي جي جمشيد روڊ واري علائقي ۾ گهر کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ عورت ٻن ٻارن سميت سڙي فوت ٿي وئي

ڪراچي جي جمشيد روڊ واري علائقي ۾ گهر کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ عورت ٻن ٻارن سميت سڙي فوت ٿي وئي.

جمشيد ڪوارٽرز ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب گهر کي باهه وڪوڙي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ عورت شمائلا ۽ سندس 12 ورهين جو پٽ عرفان ۽5 ورهين جي نياڻي عزيزه  فوت ٿي ويا.

متاثر ڪٽنب جو چوڻ آهي ته گهر ڀاتي ننڍ پيل هئا ته باهه لڳي، جنهن جي نتيجي ۾ شمائلا ۽ سندس ٻار سڙي فوت ٿي ويا.

فوتين جا لاش جناح اسپتال منتقل ڪيا ويا، جيڪي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*