دنيا ۾ مسلمانن خلاف وڌندڙ نفرت ۽ اسلاموفوبيا جي ڪارڻن جو جائزو وٺڻ لاءِ اڄ او آءِ سي جو استنبول ۾ اجلاس ٿي رهيو آهي

دنيا ۾ مسلمانن خلاف وڌندڙ نفرت ۽ اسلاموفوبيا جي ڪارڻن جو جائزو وٺڻ لاءِ اڄ او آءِ سي جو استنبول ۾ اجلاس ٿي رهيو آهي، ڪرائيسٽ چرچ سانحي تي به غور ڪيو ويندو.

دنيا ۾ مسلمانن خلاف وڌندڙ نفرت ۽ اسلاموفوبيا جي ڪارڻن جو جائزو وٺڻ لاءِ اڄ او آءِ سي جو استنبول ۾ اجلاس ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ ڪرائيسٽ چرچ سانحي تي به غور ڪيو ويندو.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڪرائسٽ چرچ سانحي بابت سڏايل او آءِ سي جي هنگامي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ استنبول پهچي ويو آهي.

پرڏيهي وزير هنگامي اجلاس کي خطاب ڪندو ۽ اسلامي فوبيا بابت مسلم دنيا آڏو پنهنجو موقف پيش ڪندو.

 پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ترڪي جي دوري دوران ايران ۽ ترڪي جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقات ڪندو.

اجلاس ۾ شرڪت لاءِ استنبول پهتل پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاران مسلمانن سان تعزيت نه ڪندڙ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي تي تنقيد ڪئي وئي آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*