ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته مٿس داخل ڪيل سمورا ڪيس جعلي آهن

ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته مٿس داخل ڪيل سمورا ڪيس جعلي آهن، نيب 18 مهينن کان غير قانوني طور قيد ڪيو آهي.

اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو نالو ايِ سي ايل ۾ داخل ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

نيب ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ڪيل اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ کي عدالت ۾ آندو.

شرجيل ميمڻ سندس نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ لاءِ عدالت ۾ داخل ڪيل درخواست واپس وٺي ڇڏي.

شرجيل ميمڻ جي وڪيل عدالت کي درخواست واپس وٺڻ جي استدعا ڪندي چيو ته هو مشوري بعد ٻيهر درخواست داخل ڪرائيندا.

عدالت ۾ پيشي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته هن پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ميمبرشپ تان استعيفا ذاتي سببن جي ڪري ڏني آهي، هو ٻين ڪميٽيز جي ميمبرشپ برقرار رکندو.

اڳوڻي صوبائي وزير چيو ته نيب مٿس ڪوڙا ڪيس داخل ڪري غير قانوني طور 18 مهينن کان جيل ۾ رکيو آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*