پنجاب جي علائقي راجن پور ۾ تيز رفتار مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا

پنجاب جي علائقي راجن پور ۾ تيز رفتار مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ريسڪيو ذريعن موجب مسافر ڪوچ ڪراچي کان پشاور وڃي رهي هئي.

روجهان ٽول پلازه وٽ انڊس هاءِ ويجهو تيز رفتار مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي رضاڪارن پهچي زخمي ٿيلن کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ٻن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

ريسڪيو ذريعن موجب، حادثي جو شڪار مسافر ڪوچ ڪراچي کان پشاور وڃي رهي هئي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*