ملائيشيا جي وزيراعظم مهاتير محمد کي وزيراعظم هائوس آمد تي گارڊ آف آنرپيش ڪيو ويو

ملائيشيا جي وزيراعظم مهاتير محمد کي وزيراعظم هائوس آمد تي گارڊ آف آنرپيش ڪيو ويو، وزراعظم عمران خان ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم وچ ۾ ملاقات دوران ٻطرفي دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون به ڪيو ويون.

ٽن ڏينهن جي پاڪستان ياترا تي پهتل ملائيشي وزيراعظم مهاتير محمد وزيراعظم هائوس پهتو ته وزيراعظم عمران خان مهمان سربراهه جي آجيان ڪئي،، جنهن بعد کيس گارڊ آف آنرپيش ڪيو ويو.

ملائيشيا جي وزيراعظم پريڊ جو معائنو به ڪيو، جنهن دوران ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا به پيش ڪيا ويا.

گارد آف آنر بعد معزز مهمان  وزيراعظم هائوس ۾ ٻوٽو به لڳايو، جنهن بعد عمران خان مهاتير محمد ڪابينا ميمبرن ۽ ٻين سينيئر عملدارن جو تعارف ڪرايو.

ملائيشين وزيراعظم به پنهنجي پاڪستاني وزيراعظم ب پنهنجي پاڪستاني هم منصب کي پنهنجي وفد جو تعارف ڪرايو.

ٻنهي ملڪن جي سربراهن وچ ۾ ملاقات دوران ٻطرفي دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون به ڪيون ويون.

ملائيشيا جي وزيراعظم مهاتير محمد ٽن ڏينهن جي دوري تي پهتو آهي، هو يوم پاڪستان جي پريڊ جو مهمان خصوصي هوندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*