ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين سبب ٻار فوت ٿيڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو

ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين سبب ٻار فوت ٿيڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، مٺي ۽ ڇاڇري ۾ وڌيڪ 4 ٻارڙا جانيون وڃا ئي ويٺا، ٿر ۾ هلندڙ سال دوران فوت ٿي ويل ٻارن جو انگ وڌي 183 ٿي ويو آهي.

ڳوٺ لوڻيون سمان واسي علي قطب سمون جو تازو ڄاول پٽ ۽ شڪيل ڪنڀر جو ٻن ڏينهن جو پٽ سول اسپتال مٺي ۾ فوت ٿي ويا.

ڳوٺ ٻانڀڻيون ڀيل واسي سومار ڀيل جي 8 سالن جي ڌي نيلم به مٺي سول سول اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.

ڇاڇري جي سرڪاري اسپتال ۾ ننگرپارڪر واسي 8 مهينن جي جمنا ميگهواڙ فوت ٿي وئي.

اسپتال انتظاميا پاران لاش منتقل ڪرڻ لاءِ ايمبولينس نه ڏيڻ تي وارث، ماءُ جا ڳهه وياج تي رکي ٽيڪسي ڪرائي ٻارڙي جو لاش ڳوٺ ڏاتر تڙ کڻائي ويا.

ٿر ۾ هلندڙ سال جي 81 ڏينهن دوران فوت ٿي ويل ٻارن جو تعداد 182 ٿي ويو آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*