وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته مهاتير محمد ملائيشيا ۾ وڏي تبديلي آندي آهي

وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته مهاتير محمد ملائيشيا ۾ وڏي تبديلي آندي آهي،هن ملائيشا کي دنيا لاءِ رول ماڊل بڻايو،مهاتير محمد جو دورو پاڪستان لاءِ فخر جوڳو آهي.

اسلام آباد ۾ پاڪستان- ملائيشيا سيڙپڪاري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي  عمران خان چيو ته پاڪستان جو هر شهري ڊاڪٽر مهاتير جي قائدانا صلاحيتن جو اعتراف ڪري ٿو.

هن چيو ته مهاتير محمد جي پاڪستان اچڻ تي کيس ڀليڪار چئون ٿا.

عمران خان چيو ته ملائيشيا جي تجربي مان سڀني کي سکڻ جي ضرورت آهي،هي ٻنهي ملڪن ۾ واپاري لاڳاپن کي وڌائڻ جو سونهري موقعو آهي.

وزير اعظم چيو ته   ملائيشيا  جي ترقي اسلامي ملڪن لاءِ روشن مثال آهي.

عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ جي ضرورت آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*