نوابشاهه ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

نوابشاهه ويجهو ڪارڪنن الزام هيٺ جوابدار نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ ٺل ڀرسان نوجوان جو گهٽا ڏنل لاش هٿ ڪيو ويو.

نوابشاهه ويجهو ڳوٺ حبيب رند ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار وزير لاشاري ڪهاڙين جا وار ڪري 25 ورهين جي رحمت علي رند کي قتل ڪري ڇڏيو.

جوابدارن پنهنجي زال روشنا کي  به  ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران گهر ڀاتين کيس بچائي ورتو.

واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويو، جڏهن ته اطلاع تي پوليس پهچي مقتول لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو.

ٺل ويجهو ڳوٺ حفيظ آباد جي رهواسي نوجوان ظهور بروهي جو ڳوٺ ٻاهران گهٽا ڏنل لاش هٿ ڪيو ويو.

وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان گذريل رات گهران نڪرڻ بعد گم ٿي ويو هو، جنهن جو لاش مليو آهي، واقعي جي جاچ ڪري ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*