آسٽريليا سيريز جي پهرين ميچ ۾ قومي ٽيم کي هڪ طرفي مقابلي بعد 8وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

آسٽريليا جي ٽيم پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ قومي ٽيم کي هڪ طرفي مقابلي بعد 8وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ ميچ جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي.

شارجه ۾ کيڏي ويل پهرين ون ڊي ميچ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان شعيب ملڪ ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جوفيصلو ڪيو.

قومي ٽيم پاران محمد عباس ۽شان مسعود کي ون ڊي ڪيپ ڏني وئي.

قومي ٽيم مقرره 50 اوورس ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 280رنز اسڪور ڪيون، جنهن ۾ حارث سهيل پنهنجي ون ڊي ڪيريئر جي پهرين سنچري اسڪور ڪندي 101رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو،جڏهن ته عمر اڪمل 48۽شان مسعود 40رنز جي اننگ کيڏي.

آسٽريليا پاران ڪالٽرنائل ٻه، جڏهن ته رچرڊسن، نيٿن ليون ۽ميڪسويل هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

ڪينگروز جي ٽيم جي بيٽسمينن پاڪستان پاران گهربل ٽارگيٽ هڪ طرفي مقابلي بعد 49 اوورس ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي.

ٽيم جي ڪاميابي ۾ ڪپتان آرون فنچ 116رنز جي اننگ کيڏي ،جڏهن ته شان مارش 91۽هينڊس ڪوپ 30رنز جي اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

پاڪستان پاران فهيم اشرف ۽محمد عباس هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

آرون فنچ کي بهترين بيٽنگ جومظاهرو ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*