ملڪ ڏکي وقت مان گذري رهيو آهي، سڀني کي متحد ٿيڻو پوندو، مراد علي شاهه

يوم پاڪستان جَي حوالي سان ڪراچي ۾ مزار قائد تي گارڊز جي تبديلي واري پروقار تقريب ڪوٺائي وئي، گورنر سنڌ عمران اسماعيل ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه ڪابينا ميمبرن سوڌو مزار قائد تي حاضري ڀري.

سڄي ملڪ ۾ يوم پاڪستان قومِي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، ڪراچي ۾  پاڪستان جَي باني قائد اعظم محمد علي جناح جِي مزار تي گارڊز جي تبديلي واري پروقار تقريب ٿي گذري.

سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه ڪابينا ميمبرن سميت مزار قائد تي حاضري ڀري ۽ مهمانن واري ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر به لکيا.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر سنڌ عمران اسماعيل چيو ته اڄوڪو ڏهاڙو پاڪستان لاءِ عملي جدوجهد جـِي ياد تازي ڪري ٿو، سمورين سازشن باوجود قائد اعظم محمد علي جناح جي قيادت ۾ مسلمانن هڪ ڌار وطن حاصل ڪيو.

گورنر سنڌ چيو ته مضبوط، مستحڪم ۽ خوشحال پاڪستان جي خواب کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، هن وقت پاڪستان جي سربراهي ايماندار، ديانتدار ۽ مخلص وزيراعظم جي هٿ ۾ آهي.

عمران اسماعيل وڌيڪ چيو ته اڄ پاڪستان ماضي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر آهي، اهو وقت پري ناهي، جڏهن دنيا ۾ هر طرف پاڪستان جو نالو گونجندو.

ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه قوم کي يوم پاڪستان جون واڌايون ڏيندي چيو ته ملڪ ڏکي وقت مان گذري رهيو آهي، سڀني کي متحد ٿيڻو پوندو.

هن چيو ته اسان جو عزم آهي ته قائد اعظم جي پاڪستان کي ترقي ڏيون ۽ گڏجي ڪم ڪيون، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀـُٽو جي ويزن جي روشني ۾ ڪم ڪنداسين.

هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته گذريل چئن سالن ۾ ڪراچي ۾ امن امان جِي صورتحال بهتر ٿي آهي، جنهن جو مثال ڪامياب پي ايس ايل  آهي.

وڏي وزير چيو ته جن کي ڪراچي جون خوشيون پسند ناهن، اهي بدامني پکيڙي رهيا آهن، جيڪي ٻاهر ويهي ادارن خلاف تقريرون ڪري رهيا آهن، تازا واقعا ان جو نتيجو آهي، شهر ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*