پاڪ ايئرفورس جي جانبازن جديد جهازن تي شاندار فلاءِ پاسٽ ڪري هوا ۾ پنهنجي صلاحيتن جا رنگ وکيري ڇڏيا

يوم پاڪستان جي پريڊ تقريب دوران پاڪ ايئرفورس جي جانبازن جديد جهازن تي شاندار فلاءِ پاسٽ ڪري هوا ۾ پنهنجي صلاحيتن جا رنگ وکيري ڇڏيا.

اسلام آباد جي پريڊ گرائونڊ ۾ مک تقريب دوران جي ايف سينونٽين ٿنڊر، جي ايف سيڪسٽين، ميراج ۽ ايف سيون پي جهازن  فلاءِ پاسٽ جو شاندار مظاهرو ڪيو.

ايم آءِ ٿرٽي فائيو گن شپ اٽيڪ هيليڪاپٽر ۽ ايم آءِ سيونٽين هيليڪاپٽرن به هوا ۾ شاندار فلاءِ پاسٽ جو مظاهرو ڪيو.

 ڪوبرا اٽيڪ هيليڪاپٽرن به پريڊ گرائونڊ مٿان هوا ۾ چڪر لڳايا.

ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان  ويڙهاڪ جهاز ايف سڪسٽين  تي پريڊ گرائونڊ جا چڪر لڳايا.

ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان فلاءِ پاسٽ دوران پيغام ڏنو ته پاڪستاني زنده ۽ پائنده قوم آهي.

ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان فلاءِ پاسٽ دوران ” پاڪستان زنده آباد” جو نعرو به هنيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*