وزيراعظم نواز شريف سماجي اڳواڻ سبين محمود جي قتل واري واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽس طلب ڪري ورتيون

ڪراچي جي ڊفينس فيز ٽو واري علائقي ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري سماجي اڳواڻ عورت سبين محمود کي قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ ۾ مقتولا جي امڙ به زخمي ٿي پئي، وزير اعظم نواز شريف ۽ وڏي وزير قائم علي شاهه  واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽس طلب ڪري ورتيون آهن.

ڊفينس فيز ٽو واري علائقي ۾ هٿياربندن ڪار تي انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ اين جي او جي ڊائريڪٽر ۽ سماجي اڳواڻ سبين محمود ٿڏي تي مارجي وئي، جڏهن ته سندس امڙ زخمي ٿي پئي.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويل سماجي ڪارڪن عورت جو لاش ۽ سندس زخمي ٿيل امڙ کي کڻائي جناح اسپتال منتقل ڪيو.

پوليس موجب، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سماجي ڪارڪن عورت سبين محمود کي 5 گوليون لڳيون، جنهن سبب هو ٿڏي تي ئي مارجي وئي، جڏهن ته سندس امڙ جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.

پوليس موجب، سماجي اڳواڻ سبين محمود هڪ سيمينار ۾ شرڪت ڪرڻ بعد گهر وڃڻ دوران هٿياربندن سندس گاڏي تي فائرنگ ڪئي.

وزير اعظم نواز شريف واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، وڏي وزير قائم علي شاهه به واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي ڪراچي پوليس چيف کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

وڏي وزير جي حڪم بعد ڊي آءِ جي سائوٿ جي سربراهي ۾ جاچ ٽيم جوڙي وئي آهي.

سماجي اڳواڻ جي قتل واري واقعي تي سياسي توڙي سماجي ڌرين ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*