يوم پاڪستان جي موقعي تي سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت، اسلام آباد ۾ فون سروس ۽ ميٽرو بس سروس بند

يوم پاڪستان جي موقعي تي سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن، راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾موبائل فون سروس ۽ ميٽرو بس سروس بند ڪئي وئي.

اسلام آباد جي پريڊ گرائونڊ ۾ تقريب جي موقعي تي وفاقي حڪومت موبائل فون ۽ ميٽرو بس سروس بند ڪري ڇڏي، هيوي ٽريفڪ جي داخلا تي به پابندي لڳائي وئي.

موٽر وي پوليس جي ترجمان موجب سيڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي شهر ۾ هيوي ٽريفڪ جي داخلا تي پابندي لڳائي وئي آهي.

ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته شهري سفر ڪرڻ کان پهريان هيلپ لائن تي رابطو ڪري روٽ بابت معلوم حاصل ڪن، جيئن هو ڪنهن پريشانيءَ کي منهن ڏيڻ کان بچي سگهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*