ملالا يوسفزئي جاپان سميت جي- ٽوئنٽي ملڪن کان ڇوڪرين جي تعليم لاءِ فنڊز وڌائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

نوبل انعام ماڻيندڙ ملالا يوسفزئي جاپان سميت جي- ٽوئنٽي ملڪن کان ڇوڪرين جي تعليم لاءِ فنڊز وڌائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

ٽوڪيو ۾ جاپاني وزيراعظم سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ملالا يوسفزئي وڌيڪ چيو ته اميد آهي ته جاپاني وزيراعظم هلندڙ سال جي – ٽوئنٽي ملڪن جي اجلاس جي ميزبان جي حيثيت ۾ڇوڪرين جي تعليم لاءِ فنڊز جي واڌ بابت آواز اٿاريندو.

هن چيو ته دنيا ۾ هڪ ارب 30 ڪروڙ ڇوڪريون فنڊز نه هجڻ سبب اسڪول نٿيون وڃي سگهن، جاپاني وزيراعظم کي ان معاملي کان آگاهي ڏئي ڇڏي آهي.

ملالا يوسفزئي اميد ظاهر ڪئي ته جاپاني وزيراعظم جي – ٽوئنٽي ملڪن جي صدارت کي استعمال ڪندي فنڊز جي کوٽ وارو مسئلو حل ڪندو.

جاپاني وزيراعظم شنزوابي گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته جون جي مهيني ۾ اوساڪا ۾ اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ عورتن جي حيثيت جهڙي عنوان تي روشني وڌي ويندي.

جاپاني وزيراعظم چيو ته معاشري ۾ عورتن جو وڏو ڪردار آهي، جن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*