مفتي تقي عثمان تي حملي جي جاچ جاري آهي، آءِ جي سنڌ ڊاڪٽر ڪليم امام

آءِ جي سنڌ پوليس ڊاڪٽر ڪليم امام چيو آهي ته مفتي تقي عثمان تي حملي جي جاچ جاري آهي، ان حوالي سان ڪجهه ڪڙيون مليون آهن.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ ڊاڪٽر ڪليم امام ٻڌايو ته مفتي تقي عثماني تي حملي واري واقعي جي جاچ جاري آهي، ڪجهه ڪڙيون مليون آهن، في الحال ميڊيا کي نٿو ٻڌائي سگهجن.

هن چيو ته حملي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، جڏهن ته جلد سيف سٽي منصوبو آندو ويندو، پنهنجي ماڻهن جي خدمت ڪرڻي آهي ۽ قانون تي عملدرآمد ڪرڻو آهي.

آءِ جي سنڌ چيو ته گذريل ڏينهن فائرنگ ۾ سنڌ پوليس جو هڪ اهلڪار به شهيد ٿيو، سنڌ پوليس جي شهيد اهلڪارن جو انگ اڍائي هزار آهي، سڀني لاءِ سٺو پئڪيج سنڌ حڪومت ڏيندي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*