وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جو اجلاس 26 مارچ تي طلب ڪري ورتو

وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جو اجلاس 26 مارچ تي طلب ڪري ورتو آهي، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾20 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو.

وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو.

 وزيراعظم عمران خان مهاتير محمد جي دوري بابت ڪابينا کي اعتماد ۾ وٺندو، ناڻي وارو وزير اسد عمر ملائيشيا سان ٿيل معاهدن تي بريفنگ ڏيندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا هوابازي پاليسي 2019 جي منظوري به ڏيندي، سيڙپڪاري بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ واري سمري تي به غور ڪيو ويندو.

وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ لاهور کان نئين دهلي بس سروس واري معاهدي جي واڌ تي به غور ڪيو ويندو.

اجلاس ۾ مختلف ادارن ۾آفيسرن جي مقررين، اقتصادي رابطا ڪميٽي ۽ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جي فيصلن جي منظوري به ڏني ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*