مدئجي ويجهو ڪچي ۾ کڏ کوٽڻ دوران ڀڪ ڪري پئي، 2 ڀائر دٻجي فوت ٿي ويا

مدئجي ويجهو ڪچي ۾ کڏ کوٽڻ دوران ڀڪ ڪري پئي، 2 ڀائر دٻجي فوت ٿي ويا، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته  راحب ناريجو ۽ مراد ناريجو ٻيلي کاتي جي آپريشن جي ڊپ کان زمين تي لڳل ٽيوب ويل لڪائڻ لاءِ کڏ کوٽي رهيا هئا ته اوچتو مٿن ڀِڪ ڪري پئي ۽ ٻئي ڄڻا دٻجي فوت ٿي ويا.

ڪچي جي علائقي ڳوٺ دڙو محمد حيات ناريجو ۾ پاڻي جي بور جي کڏ کوٽڻ دوران ڀڪ ڪري پئي، 2 سڳا ڀائر 40 سالا محمد مراد ۽25 سالا راحب علي ناريجو پٽ يارمحمد ناريجو دٻجي فوت ٿي ويا.

ڳوٺاڻن بروقت پهچي پنهنجي مدد پاڻ تحت مٽي کي هٽائي ٻنهي ڀائرن جا لاش ٻاهر ڪڍيا.

 فوت ٿيل ٻنهي ڀائرن جا لاش ڳوٺ حيات ناريجو پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.

 ڳوٺاڻن موجب گذريل ڏينهن کان مدئجي جي ڪچي ۾ ٻيلي کاتي جي عملدارن طرفان ٻيلي جي زمينن تان قبضا ڇڏائڻ لاءِ آپريشن ڪيو ويو هو، جنهن جي خوف کان ٻئي ڀائر پنهنجي پوکيل  سرڪاري زمين مان پاڻي وارو بور پٽي رهيا هئا ته مٽي جي ڀڪ ڪرڻ سبب هيٺان دٻجي فوت ٿي ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*