ڪجهه عنصر ڪراچي جو امن خراب ڪرڻ چاهين ٿا، مراد علي شاهه

 وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته مولانا تقي مٿان فائرنگ واري واقعي تي کيس ڏک پهتو آهي، ڪجهه عنصر ڪراچي جي امن جا دشمن آهن،  کين ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.

وڏي وزير مراد علي شاهه مدرسه دارلعلوم ڪورنگي ۾ مولانا تقي عثماني سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي مولانا تقي وڏي وزير کي قاتلاڻي حملي کان آگاهه ڪندي چيو ته مٿس چئني طرفن کان فائرنگ ڪئي وئي.

مراد علي شاهه، مفتي تقي ڏانهن مخاطب ٿيندي چيو ته الله پاڪ اوهان تي ڪرم ڪيو ۽ ڪٽنب سميت محفوظ رکيو، قاتلاڻي حملي سان مون کي ڏک پهتو آهي.

وڏي وزير چيو ته ڪجهه عنصر ڪراچي جو امن خراب ڪرڻ چاهين ٿا، انهن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ مفتي تقي تي حملو ڪندڙ جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

ان کانپوءِ وڏي وزير مراد علي شاهه فائرنگ جي نتيجي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪار فاروق جي گهر پهچي سندس والد سان تعزيت ڪئي.

وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته شهيد پوليس اهلڪار جا ٽئي ٻار اکين جي نور کان محروم آهن، جنهن جي وڏي وزير ٽنهي ٻارن کي تعليم ڏيارڻ جو اعلان ڪندي چيو ته هن ڏکي وقت ۾ شهيد اهلڪار جي گهر ڀاتين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين.

مراد علي شاهه اها به هدايت ڪئي ته شهيد اهلڪار جي نابين پُٽن جو علاج ڪرايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*